سوٽهڙ صوفي نيڀراج

سوٽهڙ صوفي نيڀراج

صوفي نيڀراج سوٽهڙ

صوفي نيڀراج سوٽهڙ : نامور اديب، شاعر، استاد نيڀراج ولد گنگو مل سوٽهڙ جو ادبي نالو صوفي نيڀراج هو. سندس جنم 14مارچ 1933ع تي ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ موري منگر ۾ ورتي. ميٽرڪ ۽ عالم اديب فاضل جو امتحان حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1953ع ۾ پرائمري اسڪول دريا خان ناهيون ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کانپوءِ مختلف اسڪولن ۾ پڙهايائين. ڊيپوٽيشن تي انگريزي استاد به رهيو. ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام فتح خان جي ڪچهري ۾ ڪردار ادا ڪيائين ۽ ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تان ڪجهه پروگرام ڪيائين. هن پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت موري منگر، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ٻين تنظيمن ۾ به سرگرم ورڪر طور ڪم ڪيو. سندس شاعري ٽماهي مهراڻ ۽ اخبار تعليم رسالن ۽ روزاني عبرت ۽ آفتاب اخبارن ۾ ڇپيل آهي. صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو ڪتاب ’صوفي جي صدا‘ عنوان سان سندس پٽ ڊاڪٽر ڪرشن لال صوفيءَ مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ غزل، بيت، وايون، حمد، نعت ۽ مرثيه شامل آهن. ان کان علاوه سندس ٻيو شاعري جو ڪتاب ’گفتگو گمنام جي‘ عنوان سان شايع ٿي چڪو آهي ۽ سندس ٽيون شاعري تي مشتمل ڪتاب جيڪو ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي صوفي نيڀراج، 16 ڊسمبر 1988ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ موري منگر جي قبرستان يوسف شاهه ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.03.14  عيسوي

نامور اديب، شاعر، استاد نيڀراج ولد گنگو مل سوٽهڙ جو ادبي نالو صوفي نيڀراج هو. سندس جنم 14مارچ 1933ع تي ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ ٿيو.


1988.12.16  عيسوي

صوفي نيڀراج، 16 ڊسمبر 1988ع تي وفات ڪئي.سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ موري منگر جي قبرستان يوسف شاهه ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چوهڙ سنگهه رامداس سوامي
احسان عظيم صديقي
محمد عثمان جمالي
منٺار سولنگي
ڄام مراد علي جوکيو
آزاد محمد رمضان
اختر درگاهي
عـزيـزالله مجروح
جيوت سنگهه صوفي
ذوالفقار سيال ڊاڪٽر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون